سڊس جيمس وليم

سڊس جيمس وليم

سڊس جيمس وليم

سڊس، جيمس وليم (William James Sidis): هي اوڻيهين صديءَ (1898ع) ۽ ان کانپوءِ هيل تائين دنيا جو سڀ کان ذهين جينئس ماڻهو هو، جنهن جي I.Q سطح 250 کان 300 جي وچ ۾ هئي. هن کي انساني ڪئلڪيوليٽر ۽ لسانيات جو جينئس سمجهيو وڃي ٿو. I. Q يا Intelligence Quotient هڪ اهڙو ماپو آهي، جنهن جي ذريعي ڪنهن ماڻهوءَ جي ذهانت کي ڪٿي سگهجي ٿو ۽ ڪجهه ٽيسٽن ذريعي انسان جي سوچڻ ۽ سمجهڻ ۽ مسئلا حل ڪرڻ جي قوت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. عام رواجي ماڻهوءَ جي آءِ. ڪيو سطح 95 کان 105 ٿيندي آهي، جيڪا مختلف وقتن تي پنج پوائنٽ گهٽ وڌ ٿي سگهي ٿي. ڪنهن جينئس ماڻهوءَ جي سڃاڻپ ان ذريعي ٿي سگهي ٿي.
سڊس 1 اپريل 1898ع ۾ نيويارڪ ۾ ڄائو. هي آمريڪا ۾ رهندڙ روسي مائٽن جو پٽ هو، جيڪو ڇهن سالن جي عمر ۾ هڪ گرامر اسڪول ۾ داخل ٿيو ۽ صرف 8 سالن جي عمر ۾ هاءِ اسڪول (12 درجو) پاس ڪيائين. هن هارورڊ يونيورسٽيءَ ۾ داخلا وٺڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ننڍي عمر هئڻ سبب کيس انتظار ڪرڻ لاءِ چيو ويو، پر آخرڪار 11 سالن جي عمر ۾ هارورڊ جو ننڍي ۾ ننڍو شاگرد بڻيو ۽ 16 سالن جي عمر ۾ گريجوئيشن ڪيائين ۽ 18 سالن جي عمر ۾ هارورڊ لا اسڪول ۾ داخلا ورتائين، ڪجهه وقت يونيورسٽيءَ ۾ ميٿميٽڪس به پڙهايائين. ايترو گهڻو هوشيار هئڻ ڪري هن کي گهڻي توجهه ۽ پبلسٽي ملي، جنهن هن کي بيزار ڪري ڇڏيو، ان جي ڪري هو تنهائي پسند ٿي ويو ۽ گمنام بنجي ويو.
هن 46 سالن جي ڄمار ۾، 17 جولاءِ 1944ع ۾ وفات ڪئي. اهڙن جينئسن لاءِ عموماً چوندا آهن ته سندن ڪا ڪل ٿڙيل به هوندي آهي، ان ڪري ڪڏهن ڪڏهن غير رواجي عمل ڪندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1898.04.01  عيسوي

سڊس جيمس وليم 1 اپريل 1898ع ۾ نيويارڪ ۾ ڄائو


1944.07.17  عيسوي

سڊس جيمس وليم 17 جولاءِ 1944ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

صفائي بکري
درس للو
تعمير حسين
سراج
الهبچايو لاسي
بارٽل فريئر
حامد علي مرزا
گاجي شاھ1
چنا صاحب خان
جارج-6
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون